ترائيءَ وارو دڙو

ترائيءَ وارو دڙو: ڳاڙهي واريءَ ۾ ڍڪيل ھي ماڳ ٿاڻي بولا خان تعلقي ۾ آهي. ھتي ٺڪراٺو سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جھڙو ملي ٿو. پر ٺڪراٺو ڦٽل گاهه ۽ واريءَ ۾ دٻيل آھي، جيڪو ٿوري کوٽڻ سان ملي ٿو. ھي ماڳ ضلعي ڄام شوري جي تعلقي ٿاڻي بولاخان جي اتر- اولهه ڪنڊ تي 73 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي موجود آهي، ھن ماڳ تي پھچڻ لاءِ حيدرآباد کان ايندي سپر ھاءِ وي تي 51-50 ميل پٿر کان 70 ڪلو ميٽر، ڪراچيءَ کان ايندي سپر ھاءِ وي جي ميل پٿر کان 81 کان 72 ميل جي وچ تي آهي. ھن دڙي جي ڀرسان هڪ قبرستان آهي، جنهن ۾ ٽي سؤ ٽيانوي چوڪنڊي نموني جون پٿر جون قبرون آھن، جن تي مختلف نموني جي اُڪر ۽ لکتون موجود آھن. قبرن جي مختلف ميڙن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ڏکڻ کان اوڀر واري گروپ ۾ رانڪن وارو/ ’محمود جو قبرستان‘، ’ڄام لوھا جو قبرستان‘، بونيشن وارو قبرستان. اتر ۽ اتر اوڀر واري قبرستان جو ڀاڱو ڪجهه وڌيڪ پراڻو آھي. جڏھن ته ڄام لوھا وارو حصو ڪجهه پوءِ جو لڳي ٿو. قبرستان 16 صدي عيسويءَ کان ارڙھين صدي عيسويءَ جو لڳي ٿو. قبرستان لوھاراڻين، ڇٽن، ڀٽن ۽ خاصخيلي قبيلي سان واسطو رکندڙ ماڻھن جو آھي. ٻه وڏا گروپ قبرستان جا لوھرين سان واسطو رکن ٿا، جيڪي برفت آھن ، ڄام لوھا برفتن جو وڏو ھو. سندس وفات کان پوءِ ڄام آريءَ مٿان پڳ آئي. هن وقت هن خاندان جي ملڪ سڪندرخان کان پوءِ ملڪ اسد سڪندرخان جي مٿان پڳ آھي، جيڪو ٿاڻي احمد خان جو رهاڪو ۽ ناميارو سياستدان آھي. اتر طرف ھڪ قبر تي لوھر علي نھمردي لکيل آھي. نھمردي يا نومڙيا، اصل ۾ سما ذات جي شاخ جوکين مان آھن.
ملڪ ھارون جو نالو تاريخ ۾ اورنگزيب جي زماني ۾ ملي ٿو. ھڪ قبر ايسب خان جي آھي، جيڪو راجپوتانا کان آيو هو ۽ مڪران ۾ رھيو. اھو ضروري ناھي ته اھو ساڳيو ايسب خان ھجي. ڪجهه نالا جھڙوڪ: ملڪ احمد خان، ملڪ سردار خان وغيره پڻ برفتن جا وڏا ھئا، جيڪي ھتي پوريل آھن. برفتن جا قبرستان ملير، منگھي پير ۽ ٻين ھنڌن تي به آھن.
قبرون ڪي ساديون ته ڪن تي اڪر ٿيل آھي. ٻن کان وٺي سورنھن پٿرن جي ٿلهن تائين قبرون ملن ٿيون، جيڪي مٿاڇري کان 12 فوٽ مٿي آھن. ھتي پورڻ جو نمونو ٽن طريقن جو ملي ٿو: ڪن قبرن ۾ ھڪ کان مٿي مردن پورڻ جو رواج هو، جو قبرن مان ھڪ کان وڌيڪ ھڏاوان پڃرا مليا آھن. ڪن قبرن ۾ ٺڪراٺو ۽ اناج جا داڻا به مليا آھن، ھڪ کان وڌيڪ پوريل مردن واريون 31 قبرون آھن.
ھي قبرستان ايڪڙن ۾ ڦھليل آھي. 1991ع ۾ جنرل محمد ضياءُ الحق جي حڪم تي ھن قبرستان تي 5 لک روپيا خرچ ڪري ڪريل قبرستان جي صليبن کي ٻيھر جوڙي قبرون ٺاھيون ويون ۽ جھنگ وغيره صاف ڪيو ويو هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو